اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پوسٽ کي 45 ڏينهن اندر معذور رٽائرڊ ملازم جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سکر جي رهواسي ??حم?? شاهد پاڪستان پوسٽ آفيس ڊيپارٽمينٽ طرفان معذور ملازمن جي ڪوٽا تي پٽ جي ڀرتي جي درخواست وڏي عمر جي بهاني رد ڪرڻ تي وفاقي محتسب ۾ شڪايت جمع ڪرائي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران معمولي غذر تي معامل?? کي ڏکيو بڻائڻ ۽ ملازمت نه ڏيڻ تي کاتي جي ڪن مهٽ ڪئي وئي، صدر معامل?? کي حل ڪرڻ ۾ غير معمولي دير تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته هڪ معمولي عذر تي هڪ معذور شخص جي معامل?? کي ڏکيو ڪرڻ افسوسناڪ آهي، معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جهڙن نامناسب روين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صدر پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي معذور ملازمن جي ٻارن کي ڏنل نوڪرين جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.