اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته 14 آگسٽ آزادي جو ڏينهن آهي، پاڪستان اسان سڀني جي سڃاڻپ آهي، پوري ق??م کي سياسي اختلاف ۽ ذ??تي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پ??غا?? ۾ هن چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ نوجوانن کي سخت محنت ڪرڻ گهرجي.