لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت وا??ي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ن??ڻي وا??ي صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات وا??ي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ۽ سينيئر آفيسرن وزيراعظم عمران خان جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان کي پنجاب ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ڪيل صحت جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صحت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان ج??د معياري پڄ??ڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تحت عوام کي انشورنس جي ڪامياب فراهمي تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ صحت جي شعبي کي فنڊز فراهم نه ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي.