اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصل?? ڪيو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان ع??لد??آمد کي يقيني بڻائ??ند?? زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي پاليسي تي ع??لد??آمد جاري رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پ??را?? جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصل?? ڪيو ويو ته اهڙن ڪاروباري شعبن جي منفي لسٽ جاري ڪئي و??ند?? جيڪي ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ بند رهندا جڏهن ته ڪاروباري ۽ واپاري سرگرمين جي هڪ اهڙي فهرست جنهن تي و??اقي حڪومت ۽ صوبن جو اتفاق راءِ ٿ??ند??، اها صنعتي شعبي کي جاري ڪئي و??ند?? جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکڻ جي اجازت هوندي. زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان غيريقيني جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو جڏهن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي ع??لد??آمد ڪيو و??ند??.