اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن شهيدن جي مائرن کي خاص سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرزندن جي عظيم قرباني ڏني آهي، پاڪستان جون مائرون دنيا ۾ ان لحاظ کان من??رد آهن ته پنهنجي فرزندن جي شهادت تي الله جو شڪر ادا ڪن ٿيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو ته بلوچستان ۾ بارودي سنگهه سان گاڏي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر نديم عباس ۽ ٻين جوانن، انهن جي مائرن ۽ گهرڀاتين کي اڄ قوم سلام پيش ڪري ٿي.