اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي فرانس جي پرڏيهي وزير جان ايولو دريان کي ٽيليفون ڪيو آهي، هن پنهنجي فرانسيسي هم منصب سان ڪورونا وا????س جي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ ۽ ان عالمي آفت ??ي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي حوالي سان خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير هن سان ڪورونا وا??رس سبب فرانس ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.