اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ??رپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ??ڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ڪرپشن ڪنگز ٽرانسپيرنسي ا??ٽر??يشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گناهه لڪائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام جي خلاف ڪرپشن جو گناهه انهن پنهنجي دور ۾ ڪيو آهي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وارا نه آهن، ملڪ مان ??رپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو وزيراعظم عمران خان جو نصب العين آهي، عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت احتساب جي ايجنڊا کڻي آئي، ان عوامي ايجنڊا کي هر صورت ?? پورو ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ??الهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن ٽرانسپيرنسي ا??ٽر??يشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ بحث هلي رهيو آهي، ضروري آهي ته ان جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.