اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي ڊجيٽل منتقلي جي پاليسي اي??دڙ هفتي دوران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي ويندي ته جئين براڊ ڪاسٽر جي نشرياتي نظام کي اي??الاگ سان ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اج??اس کي بريفنگ دوران ڪيو، جيڪو ڪميٽي جي ڪنوي??ر سيد امين الحق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.