اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشري??ت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نوجوان نسل اسان جو قيمتي اثاثو ۽ روشن مستقبل جي اميد آهن، نوجوانن جي خوابن جي تعبير وزيراعظم عمران خان جو بنياد?? مشن آهي، اسان کي پنهنجي نوجوان نسل خاص طور تي شاگردن جي مح??ت، ديانتداري ۽ سچائي جي اصولن تي ٻڌل ڪردارسازي ڪرڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو.