اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڏاوتن جي شعبي جو ف??وغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته اڏاوتن جي شعبي جي فروغ سان جتي ان شعبي سان و??ڳي?? 40 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي فروغ ملندو، اتي معاشي عمل تيز ٿيندو ۽ نوجوانن ۽ هنرمندن کي نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتن جي شعبي سا?? لاڳاپيل صوبائي ٽيڪسز کي ممڪن حد تائين گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اڏاوتن جي شعبي کي فروغ ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڏاوتن جي شعبي جي فروغ، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعمير خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ڇت جي فراهمي جي حوالي سان حڪومتي منص??بي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزه ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.