اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پرنس رحيم آ??ا خان کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ”نشان پاڪستان“ جو ا??وا??ڊ عطا ڪري ڇڏيو. اهو ا??وا??ڊ پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي ۾ سندس شاندار خدمتن ۽ ڪردار جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ ??نع??د خصوصي تقريب ۾ وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. معزز مهمان کي ا??وا??ڊ ڪمرشل بئنڪنگ، مائيڪرو فنانس، انشورنس، پائيدار سياحت ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ قائداڻي ڪردار جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. آ??ا خان ترقياتي نيٽ ورڪ پاڪستان پاڪستان ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ ماڻهن کي مالياتي خدمتن تائين پهچ پڻ فراهم ڪئي آهي. بعد ۾ پرنس رحيم آ??ا خان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ آ??ا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيئرمين حبيب بئنڪ لميٽيڊ سلطان علي الانه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. صدر کي پاڪستاني عوام جي ڀلائي لاءِ مختلف شعبن ۾ آ??ا خان نيٽ ورڪ جي ڪردار ۽ ترقياتي منصوبن بابت ٻڌايو ويو. صدر پاڪستان اچڻ تي پرنس رحيم آ??ا خان جا ٿورا مڃيا. صدر ملڪ جي تعليمي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ آ??ا خان خاندان جي ڪردار کي ساراهيو. پرنس رحيم آ??ا خان کيس نشان پاڪستان سان نوازڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.