اسلام آباد – 03 فيبر??ري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 42 فوتگيون ٿيون. سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 830 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 13 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو، لاهور ۾ 20 سيڪڙو ۽ گوجرانوالا ۾ 8 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو ۽ فيصل آباد ۾ 20 سيڪڙو، لاهور ۾ 26 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 59 هزار 786 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 924، پنجاب ۾ 21 هزار 249، خيبرپختونخواهه ۾ 13 هزار 739، اسلام آباد ۾ 6 هزار 945، بلوچستان ?? 627، گلگت بلتستان ?? 337 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 1965 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 13 لک 12 هزار 819 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ?? گلگت بلتستان ?? ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 152 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ هڪ هزار 72 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 14 لک 42 هزار 263 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 39 هزار 323، بلوچستان ?? 34 هزار 557، گلگت بلتستان ?? 10 هزار 768، اسلام آباد ۾ هڪ لک 29 هزار 758، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 97 هزار 937، پنجاب ۾ 4 لک 83 هزار 779 ۽ سنڌ ۾ 5 لک 46 هزار 141 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 29 هزار 372 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار ,849 جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 13 هزار 201 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 23 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 982 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ?? ڪل 368 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ?? 189 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 760 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 2 ڪروڙ 51 لک 94 هزار 561 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 739 مريض علاج هيٺ آهن.