اسلام آباد – 16 8211; جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهن??ي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 ملين ڪي??بڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملين ڪي??بڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 ملين ڪي??بڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 ملين ڪي??بڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينشنرز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي وزير جي ما??حت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.