اسلام آباد – 11 211; ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 ڊسمبر تي پائيدار ترقي بابت اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي اهم سال??ان?? پائيدار ترقي ڪانفرنس جو افتتاح ڪ??دو. ڪوويڊ – 19 دوران پائيدار ترقي، جي عنوان هيٺ اهم چئن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي 17 ڊسمبر تي وزيراعظم عمران خان جي پڄاڻي واري خطاب سان ٿيندي. آن لائن ڪانفر??س دوران ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون، هدفن ۽ انساني زندگي ۾ بهتري جا موضوع بحث هيٺ ايندا. اميد ڪئي پئي وڃي ته ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ??اه?? شرڪت ڪندا.